اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايراني سفير چيو آهي ته اسرائيلي جهاز تي جيڪڏهن ڪو پاڪستاني موجود آهي ته کيس ڀائراڻن لاڳاپن جي بنياد تي ڇڏيو ويندو.
ايران جي قبضي هيٺ اسرائيلي جهاز ۾ پاڪستاني عملي جي موجودگيءَ واري معاملي تي ايران جي سفير رضا مقدم چيو آهي ته هو زوڊائيڪ ڪمپني جي جهاز تي ڪنهن پاڪستاني شهري جي هجڻ جي تصديق جو انتظار ڪري رهيا آهن.
ايراني سفير چيو ته ڪالهه پاڪستاني گهرو وزارت طرفان اُماڻيل تفصيل ملي ويا آهن، جيڪي تهران موڪليا ويا آهن، ڪو پاڪستاني جهاز تي موجود آهي ته قانوني گهرجن جي پورائي بعد ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي بنياد تي ڇڏي ڏينداسين.
Next Post
You might also like