ڪراچي ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي، وڏي وزير جي سڀني کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تازين برساتن جي اڳڪٿي کي ڏسندي سڀني کاتن کي الرٽ رهڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون.
مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي ايم سي، سمورا ٽائونز ۽ واٽر بورڊ پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ انتظام مڪمل ڪن، سموريون سوڪ ايجنسيز برساتن نالن ۽ ڊرينيج سسٽم کي صاف رکن.
هن هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس عوام جو خيال رکي ۽ ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري.
وڏي وزير ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي سمورين سوڪ ايجنسين سان ڪوآرڊينيشن ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.
گڏوگڏ مراد علي شاهه عوام کي به اپيل ڪئي ته طوفاني برساتن کي ڏسندي پنهنجي ٻارن کي گهرن مان نه ڪڍو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.