هلندڙ سال ڪراچي ۾ 425 مقابلا ٿيا ۽ 55 ڦورو ماريا ويا: پوليس جي دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڦورن سان 425 مقابلا ٿيا ۽ انهن ۾ 55 ڦورو مارجي ويا.
پوليس اختيارين موجب ڪراچي ۾ رمضان ۾ ڦر مزاحمت تي 19 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو ۽ 55 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.
پوليس ٻڌايو ته هلندڙ سال جنوري کان هيل تائين 58 ماڻهو ڦر مزاحمت تي قتل ڪيا ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته 2023 ۾ جنوري کان اپريل تائين 25 ڄڻا قتل ۽ 110 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ مجموعي طور تي سال 2023 ۾ ڦر مزاحمت تي 108 ڄڻا قتل ۽ 469 ماڻهو زخمي ٿيا هئا.
پوليس دعويٰ ڪئي ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڦورن سان 425 مقابلا ٿيا ۽ انهن مقابلن ۾ 55 ڦورو مارجي ويا ۽ 439 زخمي ٿيا.
اختيارين چيو ته اسٽريٽ ڪرائمز جي روڪٿام لاءِ ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.