ويٽنام جي سڀ کان وڏي فراڊ ڪيس ۾ عورت ٽائيڪون کي موت جي سزا

هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويٽنام جي هڪ عدالت اڄ 11 اپريل تي ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون چيونگ مي لان کي 12.5 بلين ڊالر جي معاشي بدعنواني جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، اهو ويٽنام ۾ معاشي بدعنواني جو اڄ تائين سڀ کان وڏو ڪيس هو.
ميڊيا رپورٽن موجب ويٽنام جي شهر هو چي مِنه سٽي ۾ هڪ عدالت ريئل اسٽيٽ ڪمپني ٿن فيٽ هولڊنگز گروپ جي 67 ورهين جي چيئرپرسن چيونگ مي لان کي غبن، رشوت خوري ۽ بئنڪنگ بابت قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڇڪڙين جو ذميوار قرار ڏنو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ان ڪيس ۾ جوابدار عورت جي قدمن سان ماڻهن جو رياست ۽ (ڪميونسٽ) پارٽي جي قيادت تي اعتماد گهٽجي ويو.
هوڏانهن چيونگ مي لان پنهنجي خلاف الزامن جي ترديد ڪندي پنهنجي ماتحت ماڻهن تي الزام هنيو.
هن چيو ته مان ايتري قدر ڪاوڙ ۾ آهيان جو بئنڪنگ سيڪٽر سان ڳنڍجي بيوقوفي ڪري ويٺيس، مون کي ان بابت گهڻي ڄاڻ به ناهي، مون کي آپگهات ڪرڻ جو به خيال آيو.
هوڏانهن اڄوڪي عدالتي اڳڀرائي تي چيونگ مي لان جي وڪيلن جو فوري طور تي ڪو بيان سامهون ناهي آيو.
چيونگ مي لانگ خلاف ان ڪيس ۾ عدالتي ڪارروائي جي شروعات 5 مارچ تي ٿي هئي ۽ مقرر تاريخ کان اڳ ئي ان ڪيس ۾ اڄ عدالت جو فيصلو به سامهون اچي ويو.
اها قانوني ڪارروائي حقيقت ۾ ويٽنام ۾ بدعنواني خلاف جاري هڪ وڏي پئماني جي مهم جو حصو هئي، جنهن تحت اتي اقتدار ۾ سياسي جماعت ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ نوئن فوچونگ ڪيترن ئي سالن کان ڪرپشن جي خاتمي جي عزم جو اظهار ڪندو آيو آهي پر اڄ تائين ان مهم ۾ مجموعي ٺوس نتيجا گهٽ ئي سامهون آيا آهن.
عدالتي فيصلي کان اڳ جاچ آفيسرن جاچ کانپوءِ چيونگ مي لان ۽ ان سان گڏ ڪرپشن ۾ ملوث ڪيترن ئي ماڻهن تي غير قانوني طريقي سان سائيگون جوائنٽ اسٽاڪ بئنڪ مان 304 ٽريلين ڊونگ ڪڍڻ جو الزام هنيو هو.
جاچ اختيارين موجب 2018 جي منڍ کان وٺي آڪٽوبر 2022 تائين چيونگ مي لان پنهنجي حقيقي سڃاڻپ لڪائڻ ۽ غير قانوني ڪم پورا ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ”شيل ڪمپنين“ لاءِ قرضن جي مد ۾ وڏي رقم حاصل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.