92 ملڪن کان وڌيڪ آءِ فون واهپيدارن جي جاسوسي جو انڪشاف

”ايپل“ اٽڪل 92 ملڪن ۾ آءِ فونز استعمال ڪرڻ وارن کي هشيار ڪندي چيو آهي ته سندن هينڊ سيٽس تي ”مرسينري اسپاءِ ويئر“ ٿي سگهي ٿو.

ايپل جي سيڪيورٽي رپورٽ موجب ڪمپني پاران مرسينري اسپاءِ ويئر جي حملي بابت اڳڀرائي ٿي آهي. هڪ نوٽيفڪيشن ۾ واهپيدارن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هيڪرز جي دنيا ۾ آءِ فون کي هدف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪمپني ٻڌايو ته پيگيسس سوفٽ ويئر استعمال ڪندڙ اين ايس او گروپ جا اسپاءِ ويئر جا حملا عام ناهن. اهي حملا عام طور تي معمولي سافٽ ويئر ذريعي ڪيا ويندا آهن. اهڙن سافٽ ويئر سان ايپل جي آءِ ڊي سان ڳنڍيل ڊيوائسز کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

ايپل پاران 2021 کان هن وقت تائين 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ آءِ فون استعمال ڪندڙن کي مختلف اسپاءِ ويئر کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اهڙن هيڪرز بابت هيلپ لائين ذريعي رابطو ڪري مدد وٺي سگهجي ٿي. ڪنهن به اسپاءِ ويئر جي حملي جي خدشي جي صورت ۾ ايپل پاران ٻن طريقن سان ايميل موڪلي ويندي آهي. پهريون ڪڏهن واهپيدار پيج تي لاگ ان ڪندو ته مٿان ڪنڊ تي آئيڪون نظر ايندو ٻيو طريقو اهو آهي ته اي ميل آءِ ڊي ۽ فون نمبر تي الرٽ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.