ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا شهناز گل به پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر جي مداح نڪتي.
هانيا عامر رڳو پاڪستان ۾ نه پر ڀارت ۾ به مشهور آهي. مشهور ڀارتي شو بگ باس 13 مان شهرت ماڻيندڙ ڀارتي اداڪارا شهناز گل تازو پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر لاءِ سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي پنهنجي پسند بابت اظهار ڪيو آهي.
شهناز گل فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هانيا عامر جي هڪ پوسٽ تي تبصرو ڪندي”پسنديده ڇوڪري“لکيو آهي.
شهانز گل جي ڪمينٽ تي هانيا عامر به جذباتي ٿي وئي ۽ کيس شڪريو ڪيو.
واضح رهي ته گذريل ڪجهه وقت کان ڀارتي ريپر بادشاهه ۽ هانيا عامر جي دوستي به ٻنهي ملڪن ۾ ميڊيا تي بحث جو موضوع آهي.