ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ ڏيڍ ارب جا نوان هٿيار خريد ڪريون پيا: آءِ جي سنڌ

ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي(نمائندا) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سکر ڊويزن مان ڪو به ماڻهو اغوا ناهي ٿيل. ھن روزاني عوامي آواز جي پڇيل سوال جي جواب ۾ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف باقاعدگي سان آپريشن جو ڪو ارادو ناھي. ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويندو جيڪو جاري آھي. ڇو ته ڪچي ۾ سڀ ڌاڙيل ناهن شريف ماڻهو به رهن ٿا ان ڪري اسان اهڙي طريقي سان آپريشن ڪندا سين جيئن ڪنھن شريف ڳوٺاڻن کي تڪليف نه اچي.هن چيو ته ڌ اڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف وڏي آپريشن لاءِ ڏيڍ ارب روپين جا نوان هٿيار خريد ڪري رهيا آهيون، ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان آپريشن ڪري رهيا آهيون، سکر ريجن جو وڏو مسئلو قبيلائي تڪرار آهن هن چيو ته سرڪار اسان کي پئسا ڏنا آهن. انهن سان هٿيار خريد ڪري ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويندو. پوليس پڪٽن تي اعليٰ نسل جا ڪتا رکيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جا نتيجا جلد ملڻ شروع ٿي ويندا اسان چاهيون ٿا ته علائقي ۾ امن امان هجي ته جيئن ماڻهن لاءِ آساني پيدا ٿئي. شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيائين ته 3 جوابدار گرفتار آهن ان موقعي تي روزاني روزاني عوامي آواز جي عيوضي کيس نشاندھي ڪئي تھ شھيد ڪوٽا تي عمل سست رفتاري سان ھلي پيو.شھيدن جي وارثن کي نوڪريون نھ ملي سگھيون آھن.ان کان علاوھ سنڌ پوليس جي جوانن جي پروموشن 25 پنجويھ سال لڳي وڃڻ ۽ پروموشن جلد ڪرڻ جو سوال ڪيو ويو. سندن پگھارون وڌائڻ ۽ پنجاب جي برابر ڪرڻ جي بھ نشاندھي ڪئي وئي.ان موقعي تي آءِ جي سنڌ سان گڏ ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو ايس ايس پي گھوٽڪي سمير نور چنا ايس ايس پي سکر عابد گڏاڻي ۽ ٻيا بھ ڪيترائي پوليس آفيسر پريس ڪانفرنس ۾ موجود ھئا.ٻي طرف آءِ جي جي پريس ڪانفرنس دوران پوليس ۽ رينجرس جي مقابلي ۾ مارجي ويل غلام نبي کوسو جا وارث مرد ۽ عورتون پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪري رھيا ھئا.پر سندن سان آءِ جي ڪو نھ مليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.