سال 2024 جي پهرين مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سال 2024 جو پهريون مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندي، اِها ايندڙ ويهه سالن تائين ٻيهر نه ڏسي سگهبي، جنهن جو وقت چار منٽ ستيتاليهه سيڪنڊ هجڻ جو امڪان آهي.
اِها سج گرهڻ سڀ کان پهريان ميڪسيڪو ۾ مقامي وقت موجب ڏينهن جو يارهين وڳي کانپوءِ هوندي، سج جَي سامهون چنڊ اچڻ تي زمين جَي ڪجهه حصي تي اونداهي ٿيندي.
سج گرهڻ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ به نظر ايندي، پاڪستان ۾ رات هجڻ سبب اِن جو مڪمل مشاهدو نه ٿي سگهندو.
موسميات کاتي موجب، سج گرهڻ جِي شروعات پاڪستاني وقت مطابق رات اَٺ لڳي ٻائيتاليهه منٽن تي ٿيندي.
موسميات کاتي موجب رات يارهين لڳي سترنهن منٽن تي سج گرهڻ عروج تي هوندي، جڏهن ته اِن جِي پڄاڻي رات هڪ لڳي ٻاونجاهه منٽن تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.