اتر وزيرستان ۾ سيڪيور ٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، انهن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.