سکر (رپورٽ:آزاد مهر) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته نواز شريف سان جيڪو ٿيو گهر جو معاملو آهي مان ان ۾ ڪجهه نه چوندس هن چيو ته پارليامينٽ ۾ گوڙ ٿيندو آهي ته اسان انجوائي ڪندا آهيون جلسن جلوسن سان حڪومتون نه وينديون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن او جي ڊي سي پاران 4 ايمبولينس سول اسپتال کي فراهم ڪرڻ واري تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو،هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جي حوالي سان گهڻا مسئلا آهن صحت کاتي ۾ ڪرپشن گهڻي آهي جنهن سبب مسئلا سامهون ايندا آهن، سول اسپتال سکر ۾ به دوائن سميت گهڻا مسئلا آهن، ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، نگران سيٽ اپ ۾ ڪو سوال ڪرڻ وارو نه هو ان لاءِ اسپتالن سميت ٻين ادارن جو حال خراب ٿيو، تقريب دوران صحافي پاران 32 مھينا اڳ سنگرار مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري بابت پڇيل سوال تي سيد خورشيد احمد شاهه صحافي کي ڌمڪي ڏيندي چيو تھ ڪيمرائون آن آھن نه ته ان جوجواب مان تو کي سٺو ڏيان ھان،نجي ٽي وي موجب خورشيد شاهه چيو ته اڍائي سالن کانپوءِ پريا ڪماري توهان کي ڇو ياد آئي آهي؟ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته توهان پريا ڪماري جي معاملي کي ايڏي هائيپ ڇو ڏني آهي؟ پريا ڪماري کانسواءِ ٻيا واقعا به ٿيا آهن: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو سکر ۾ پريا ڪماري بابت سوال پڇڻ تي ردعمل، خورشيد شاهه چيو ته اسان به پريا ڪماري وارن وٽ وياهئاسين، جيڏي پريا ڪماري جي معاملي ۾ جاچ ٿي آهي ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ شايد نه ٿي هجي، پريا ڪماري واقعي جي هائيپ بابت توهان کي هتي ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهان، اڪيلائي ۾ توهان کي ٻڌائيندس