ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين کي 152 ارب رپين جي سبسڊي جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ فرٽيلائيزر ڪمپنين پاران غير قانوني منافعو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب حڪومت جي سبسڊي جو مقصد هارين کي سستو ڀاڻ فراهم ڪرڻ هو پر ڪمپنيون ڀاڻ کي سستو ڪرڻ بدران مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري 46 سيڪڙو تائين منافعو حاصل ڪنديون رهيون. ڪمپنيون هارين کي سبسڊي کان محروم ڪري وڏو منافعو ڪمائي رهيون آهن، جنهن تي ڀاڻ فيڪٽرين جي مالڪن کان اگهه مقرر ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. فيڪٽري تي نظر رکندڙ اداري سي سي پي يوريا ڪمپنين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، اختيارين موجب 2013ع ۾ اينگرو سميت فرٽيلائيزر ڪمپنين تي 8 ارب رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي. فرٽيلائزر ڪمپنين کي 152 ارب رپين جي سالياني سبسڊي ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.