سنڌڙي: قتل جي خوف کان ٻئي گهر ۾ پناهه وٺي ويٺل عورت ڀاءُ ۽ ڏير هٿان مارجي وئي

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) تعلقي سنڌڙي جي ڳوٺ الله وسايو ٻرڙو ۾ پرڻيل ناري 24 ورهين جي نبيلا زال رياض احمد کي سندس سڳي ڀاءُ ارشاد احمد ۽ ڏير لال محمد عرف لالڻ  ڪارنهن جي الزام هيٺ فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته عورت کي قتل ڪرڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڳوٺ جو نيڪ مرد مرتضيٰ ٻرڙو پڻ هٿ ۾ گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو واقعي جي اطلاع تي حد جي سنڌڙي ٿاڻي جي پوليس زخمي ناري کي علاج لاءِ اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ زخمي عورت زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، پوليس مارجي ويل عورت جو لاش قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، پوليس ذريعن موجب سڳي ڀاءُ ۽ ڏير هٿان مارجي ويل پرڻيل عورت سنڌڙي ٿاڻي تي گذريل هڪ سال دوران به ڀيرا ڏير جي تشدد کان تنگ ٿي ٿاڻي تي اچي رپورٽ درج ڪرائي هئي پر بعد ۾ برادري جي چڱن ماڻهن جي فيصلي بعد رپورٽ واپس ورتي هئي. ذريعن موجب ڀاءُ ۽ ڏير هٿان قتل ٿي ويل عورت موت جي ڊپ کان پاڙي جي هڪ گھر ۾ وڃي پناهه ورتي هئي جتي سندس ڀاءُ ۽ ڏير کيس ڳولهيندي ان گھر ۾ پهچي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. ذريعن موجب پوليس واقعي ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي پر گرفتاري جي تصديق ڪرڻ کان انڪاري آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سنڌڙي ٿاڻي جي پوليس صحافين کي ٻڌايو ته عورت جو لاش قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺنداسين جڏهن ته وارث مارجي ويل عورت جي تدفين ۾ رڌل آهن ان ڪري فلحال ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي وارثن جي اچڻ شرط ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.