سپر ماڊلز بيلا ۽ جي جي حديد جي ڀيڻ فيشن ڊيزائنر ۽ فلم پروڊيوسر الانا حديد فلسطين جو ڪيس دنيا سامهون آڻڻ لاءِ واٽر ميلن پڪچر نالي فلم پروڊڪشن ڪمپني متعارف ڪرائي ڇڏي.
الانا حديد پنهنجي فلم پروڊڪشن ڪمپني جو لوگو فلسطين جي جهنڊي سان مشابهت رکندڙ هنداڻو رکيو آهي، جڏهن ته ان ڪمپني جو نالو به واٽر ميلن پڪچر رکي ڇڏيو.
ڪمپني جي انسٽاگرام تي ڪجهه دستاويزي فلمن جا ٽيزر به شيئر ڪيا ويا، جن ۾ فلسطين تي ظلمن جي تاريخ ۽ فلسطينين کي پنهنجي ئي سرزمين تي لاوارث ڪرڻ جا داستان ڏيکاريا ويا آهن.
الانا حديد جي فلم پروڊڪشن تحت فلسطين تي اسرائيلي قبضي ۽ ظلمن جي تاريخ تي ٻڌل پهرين دستاويزي فلم (Walled Off) رليز ڪئي ويندي.
واٽر ميلن پڪچر جي انسٽاگرام تي شيئر ڪيل دستاويزي فلمن جي پرومو ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻ پروڊڪشن ڪمپني دنيا کي فلسطين جو ڪيس ڏيکارڻ لاءِ ميدان ۾ موجود رهندي ۽ هر پليٽ فارم تي فلسطين جو قصو پنهنجي انداز ۾ حقيقتن سان پيش ڪيو ويندو.
You might also like