ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي ۾ چور ۽ سپاهي ٻنهي جو واسطو شهر سان ناهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڏوهه روڪڻ جي ذميواري پوليس جي آهي پر پوليس وارن جو واسطو هن شهر سان آهي ئي نه، اهي ان کي پنهنجي ذميواري نٿا سمجهن.
هن چيو ته بئنڪ بيلنس، ملڪيت کي وڌائڻ لاءِ ڪراچي ۾ پوسٽنگ هڪ موقعو سمجهيو ويندو آهي، ڪراچي جي حالتن بابت اسان محتاط انداز ۾ سدائين چوندا آهيون ته مسئلو اهو آهي ته چور ۽ سپاهي ٻئي هن شهر جا ناهن.
سندس چوڻ هو ته دنيا جي سڀني مهذب معاشرن ۾ سڀني جمهوري ملڪن ۾ لوڪل پوليسنگ آهي، پاڪستان ۾ به اهو ئي طريقو آهي، تنهن ڪري اسان هر هر سوال ڪندا آهيون ته جڏهن پشاور ۾ پشاور جي پوليس آهي، لاهور ۾ لاهور جي ۽ لاڙڪاڻي ۾ لاڙڪاڻي جي ته پوءِ ڪراچي ۾ ٻي پوليس ڇو آهي؟
You might also like