روزي سان صحت کي پهچندڙ فائدا ڏسي تحقيق ڪندڙ سائنسدان به حيران

آمريڪا ۾ ڪيل هڪ مختصر پر تازي تحقيق سان خبر پئي آهي ته روزا نه رڳو وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آهن پر ان سان هاضمي جي نظام جي مجموعي صحت به بهتر ٿيندي آهي.
طبي ويب سائيٽ موجب آمريڪن سائڪالاجي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل تازي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روزن سان ننڍي آنڊي، معدي ۽ غذائي نالي سميت هاضمي جي نظام جي مجموعي صحت بهتر ٿيندي آهي.
ماهرن روزن جا فائدا ڄاڻڻ لاءِ ڪوئن تي تحقيق ڪئي ۽ نر ۽ مادي ڪوئن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو.
ماهرن هڪ گروپ کي هر وقت غذائون فراهم ڪيون، جڏهن ته ٻئي گروپ کي هر 24 ڪلاڪن کانپوءِ هڪ خاص وقت ۾ مختلف غذائون فراهم ڪيون ويون.
ماهرن ڪوئن تي 8 مهينن جي تحقيق ڪئي، جنهن کانپوءِ هنن نتيجا جاچيا.
نتيجن سان خبر پئي ته هر وقت غذائون کائيندڙ ڪوئن جي ڀيٽ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ هڪ وقت غذا کائيندڙ ڪوئن جي هاضمي جي نظام جي صحت بهتر رهي، اهي پنهنجي عمر کان ننڍا به لڳڻ لڳا.
ماهرن موجب حيران ڪندڙ طور مادي ڪوئن جي آنڊي، معدي ۽ غذائي نالي تي وڌيڪ بهتر فرق پيو، جڏهن ته نر ڪوئن ۾ بلڊ پريشر جي سطح ۾ به گهٽتائي ڏٺي وئي.
ان سان مجوعي طور تي سڀني ڪوئن ۾ مختلف قسم جي تيزابيت به گهٽ ٿي، انهن جو وزن به بهتر ٿيو، جڏهن ته دل جي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جا به امڪان به گهڻي حد تائين گهٽجي ويا.
ماهرن تجويز ڏني ته ڄاڻايل پيٽرن تي هاڻ انسانن تي تحقيق ڪئي وڃي، ڇو ته ظاهري طور روزن جا تمام گهڻا فائدا ڏٺا ويا آهن ۽ اڳ به روزن جي فائدن تي ڪيتريون ئي تحقيقون ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.