اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) سينيٽ جي چيئرمين جي حوالي سان طاقتور ڌرين اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ کي نامزد ڪرڻ چاهيو پر عين وقت تي بلاول ڀٽو زرداري جي سخت موقف وٺڻ تي طاقتور ڌريون به پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جو چيئرمين بڻائڻ تي مجبورن راضي ٿيون آهن، نامياري تجزيي نگار اعزاز سيد موجب صدر آصف زرداري به ڪافي حد تائين انوار ڪاڪڙ تي راضي ٿي چڪو هئو پر بلاول ڀٽو زرداري سخت موقف رکيو ته يوسف رضا گيلاني ئي سينيٽ جو چيئرمين ٿيندو ٻي صورت ۾ پ پ موجوده حڪومت جو حصو نه رهندي ۽ سڀ عهدا ڇڏي ڏيندي ، ايئن يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جو چيئرمين بڻائڻ جي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو.