سنگرار جي نياڻي پريا ڪماري آزاد نه ٿي سگهي، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا جاري

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر  (نمائندن وٽان)  سکر جي سنگرار واري علائقي مان تقريبن اڍائي سالن کان مٿي عرصي کان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلوجاري آهي، جسقم، قومي عوامي تحريڪ بقاء انسان فورم، سنڌ سجاڳي فورم، سول سوسائٽي، هندو پنچائت ۽ ٻين ڌرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪراچي ۾ بقاء انسان فورم جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان گذريل 32 مھينن کان سنگرار مان اغوا ڪيل نينگري پريا  ڪماريءَ جي آزادي لاءِ پريا ڪماري جون ھٿن ۾ تصويرون کڻي ڪراچي ايسٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، بقاء انسان فورم جي چيرمين مجيب چولياڻي جنيد تنيو محسن خاصخيلي سنڌ سڀا جي اڳواڻ آزاد اسلم ايس يو پي جي واحد مغيري سنڌ سجاڳي فورم جي سيد زمان شاھ قومي عوامي تحريڪ جي مدثر سرڪي سپاف اڳواڻ طارق پنھور شڪيل سومرو ۽ ٻين چيو تـ گذريل 32 مھينن کان سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم نينگري پريا ڪماري کي پوليس طرفان ھن وقت تائين آزاد ناهي ڪرايو ويو آھي جيڪا انھن جي تمام وڏي ناڪامي آھي، ڪنري ۾ پريا ڪماري ۽ فوزيا خاصخيلي جي آزادي لاءِ جسقم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، محمد رمضان خاصخيلي، احمد سنڌي، شاھنواز خاصخيلي، بي ڪي لکاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي الله واري چوڪ تي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڏوڪريءَ ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان طرفان سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پريا ڪماري جي  آزادي لاءِ علي پارڪ کان پريس ڪلب ڏوڪري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڪامريڊ امداد قاضي، مير منور ٽالپر، ڪامريڊ اقبال احمد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تي گزريل 15 سالن کان قائم حڪومتي بد عنواني، اقربا پروري، بد انتظامي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن، حد  ته ھي ٿي وئي آهي ته ميونسپل ادارن جون پگھارون به کائي وڃن ٿا، ھنن چيو ته سموري سنڌ ۾ ھر قسم جي منشيات جو سيلاب آندو ويو آهي،  شراب، ٺرو، گٽڪا، مین پڙي، 21 سئو، آئيس،  هيروئن ۽ ٻين نشي آور شين کي سموري سنڌ ۾ پکيڙيو ويو آھي ته جيئن سنڌ جا ماڻھو منشيات ۾ مبتلا رھن ۽ حڪمران سنڌ جي لٽ مار جاري رکي سگھن.پاڪستاني رياست تي هميشه کان حڪمران رھندڙ ادارا ھن عمل ۾ انھن جي پٺڀرائي ڪندو اچي رھيو آھي. ھاڻي  ته سنڌ جون  زمينون به ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي کپائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آھي جنھن جي خلاف اٿندڙ آواز کي دٻائڻ لاءِ سنڌ کي چورن ۽ ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آھي، لاڙڪاڻي ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان ضلعي طرفان فلسطيني عوام سان اظهار يڪجهتي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهر جي محفل شاھ خراسان امام بارگاھ وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان سنڌ جي سينئر نائب صدر علامه رياض حسين الحسيني، مولانا مشتاق حسين مشهدي، علامه رستم حيدري، محرم سانگي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته صوبي جي شهرن ۾ اغوا، ڦرون، ڌاڙا، چوريون ۽ قتلن جي واقعن ۾ روز اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ ٻن سالن کان وٺي سکر جي سنگرار شهر مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي به بازياب ناهي ڪرايو ويو، جنهن مان ثابت ٿي ويو آهي ته حڪومت ۽ پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪي به اثرائتا قدم نه ٿي کڻي، مذمت ڪيون ٿا، سيتا سرجڻهار فورم پاران 22 مهينا اڳ اغوا ٿيل سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ شروع ڪيل جدوجهد کي 10 ڏينهن ٿي ويا، فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين چيو ته پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، راڌڻ ۾ تحريڪ فقيه جعفريھ پاران مولانا رياض حسين جعفري ۽ فقير صابر راڌڻ طرفان اسرائيل پاران فلسطينن خلاف ظلم جبر ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، باڊهه  ۾ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پاران دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته پريا ڪماري جي آزادي لاءِ  گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول باڊهه جي شاگرد اتحاد پاران اجي ڪمار جي اڳواڻي ۾ اسڪول جي ايڊمن بلاڪ کان  مين گيٽ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قربان علي نوناري، راجا عباسي شاگردن اجي ڪمار،  وقار سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.