اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پوسٽ ججن، سفارتڪارن ۽ ٻين هاءِ پروفائل جي ميلز کي خاص طور تي چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پاڪستان پوسٽ ججن کي شڪي پائوڊر ڀريل خط ملڻ کانپوءِ فوري طور قدم کڻندي خط جاري ڪري ڇڏيو.
خط ۾ اسٽاف جي سيفٽي ۽ سيڪيورٽي لاءِ ماسڪ ۽ دستانا فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، عملي کي پوسٽ آفيس ۾ ايندڙ ليٽر ۽ ٻين ميلز کي احتياط سان چيڪ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ججن، سفارتڪارن ۽ ٻين هاءِ پروفائل جي ميلز کي خاص طور تي چيڪ ڪيو وڃي.
خط ۾ پوسٽل اسٽاف کي ميلز جي بڪنگ ۽ پهچ دوران چوڪس رهڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
Next Post
You might also like