لاهور (ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪرڪيٽ کي هيٺين سطح تي هٿي وٺرائڻ لاءِ قابلِ عمل پلان طلب ڪري ورتو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي عمل جوڳي پلان بابت ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، ان کانسواءِ نوجوان رانديگرن جي پروفائلنگ جي به هدايت ڪئي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيز جي سطح تي ٽيلينٽ جي ڳولا لاءِ گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي، سموري ملڪ ۾ اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ ٽورنامينٽ جي انعقاد جو پلان ٺاهيو وڃي.
هن چيو ته ڪرڪيٽ جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ لاءِ هيٺين سطح تي ٽورنامينٽ جو انعقاد ضروري آهي، سموري ملڪ ۾ ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ليول تي عورتن جون ٽورنامينٽ به ڪرايون وڃن ۽ عورتن کي به ڪرڪيٽ ۾ هڪ جيترا موقعا ڏنا وڃن.
Prev Post
Next Post
You might also like