گوگل جو واهپيدارن کان فيس وٺڻ تي غور

گوگل جي اي آءِ تي ٺهيل سرچ انجڻ کي استعمال ڪرڻ تي واهپيدارن کان فيس وٺڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ورهين کان سڄي دنيا جا ماڻهو گوگل سرچ انجڻ تان سڄي دنيا جي ڄاڻ مفت حاصل ڪندا رهندا آهن. هاڻي اهو تبديل ٿيڻ وارو آهي ڇاڪاڻ ته  گوگل پاران اي آءِ فيچرز جي استعمال تي فيس وٺڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. اها ڪمپني جي تاريخ جي وڏي تبديلي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اها تبديلي سروس جي فراهمي تي ٿيندڙ وڏي پيماني جي خرچ جو نتيجو آهي. ڪجهه نوان فيچر هاڻي پريميم سبسڪرپشن سروسز سان واهپيدارن کي وڪرو ٿيندا. اهڙن واهپيدارن لاءِ خاص طور تي جيڪي پهريون ئي جي ميل ۽ آفس سافٽ ويئر ۾ اي آءِ اسسٽنٽس استعمال ڪرڻ لاءِ سائن اپ ڪري چڪا آهن.

گوگل سرچ جنريٽو اي آءِ ٽيڪنالوجي واهپيدار جي سوالن جا جواب سڌي ريت ڏيندي جيئن چيٽ جي پي ٽي ۾ ٿيندو آهي. ماهرن موجب گوگل جي روايتي سرچ انجڻ جي ڀيٽ ۾ اي آءِ سرچ وڌيڪ مهانگو آهي، ته ان تي فيس وٺڻ خرچ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

انهن ٻڌايو ته اي آءِ ماڊلز جي تربيت لاءِ جديد ترين جنريٽو ماڊلز استعمال ٿيندا آهن جيڪي ڏاڍا مهانگا آهن. مثال طور مائيڪرو سافٽ بنگ جا اي آءِ فيچرز واهپيدارن کي مفت دستياب آهن پر ان لاءِ ڪمپني جي ايج برائوزر کي استعمال ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.