ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ڄائي مراڪشي بالي ووڊ نچڻي ۽ اداڪارا نورا فتيحي انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت ۾ ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ نه رڳو هن بکون ڪاٽيون پر سندس استحصال به ٿيو. نورا فتيحي مختلف انٽرويوز ۾ ڀارت ۾ ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڏکيائين بابت ڳالهايو آهي ۽ ٻڌائي چڪي آهي ته هن کي ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب تازو نورا فتيحي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڀارت ۾ رڳو 5 هزار رپيا کڻي آئي هئي ۽ کيس اندازو نه هيو ته اهي ڪيترا ٿورا پيسا آهن. شروعات ۾ ڀارت اچڻ کانپوءِ مهاراشتر جي گاديءَ واري هنڌ ممبئي ۾ ٻن ڪمرن جي فليٽ ۾ 9 ڇوڪرين سان گڏ رهندي هئي، جتي کيس سخت ذهني مسئلن کي به منهن ڏيڻو پيو هو ڇاڪاڻ ته هن سان گڏ رهندڙ سڀ ناريون ذهني مريض هيون.
هن انڪشاف ڪيو ته ڪيترائي ڀيرا هن وٽ کائڻ جا پيسا به نه هئا ۽ هو رڳو هڪ آني ۽ بريڊ تي گذاريندي هئي. نورا فتيحي موجب هن ڪيريئر لاءِ ڏکيايون ڏٺيون هوءَ ايترين ذهني پريشانين جو شڪار ٿي جو کيس ٿراپي جي ضرورت محسوس ٿي پر وسيلا نه هئڻ ڪارڻ نه ڪرائي سگهي.
اداڪارا ٻڌايو ته ڀارت ۾ ڪم ڏيڻ لاءِ ايجنسيز وڏو استحصال ڪيو هن کان وڌيڪ ڪم وٺڻ بعد ٿورو معاوضو ڏيندا هئا. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ نارين کي ڪم ڏيارڻ لاءِ ايجنسيز ڏاڍو استحصال ڪنديون آهن ۽ انهن خلاف ڪنهن ڪارروائي جو ڀارت ۾ ڪو به قانون ناهي.
واضح رهي ته 2014 ۾ نورا فتيحي ڀارت ۾ ماڊلنگ، اداڪاري ۽ ڊانس ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هن وقت تائين هوءَ هندي سميت ملايلم، تيلگو ۽ تامل فلمن ۾ مختصر ڪردارن سميت انهن ۾ آئٽم گانا ڪري چڪي آهي.