ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيو ڪراچي جي علائقي بلاول ڪالوني ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان جي قتل جو مک جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.
ڊي آءِ جي ويسٽ زون عرفان علي بلوچ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته 24 مارچ تي نيو ڪراچي بلال ڪالوني ۾ فوم جي دڪان تي ڦرلٽ دوران مزاحمت تي جوابدارن نوجوانن عبدالرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو هو.
هن ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي سينٽرل جي سربراهي ۾ ٽيمون جوڙيون ويون هيون ۽ اڄ صبح نيو ڪراچي سيڪٽر فائيو ايڇ ۾ پوليس مقابلي ۾ جوابدار افضل حسين مارجي ويو، جڏهن ته ان جي ساٿي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو زخمي جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته مارجي ويل جوابدار ئي عبدالرحمان جي قتل ۾ ملوث هو.
ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي چيو ته مارجي ويل جوابدار افضل حسين خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.