برطانوي اخبار گارڊين انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي 2020 کان هيل تائين پاڪستان ۾ 29 ڄڻن کي قتل ڪرايو.
رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪارروائين ۾ ڀارتي انٽيليجنس سليپر سيلز ملوث آهن.
برطانوي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارتي حڪومت پاڪستان ۾ ماڻهن کي قتل ڪرايو، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را کي ڀارتي وزيراعظم مودي جي آفيس مان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي.
رپورٽ موجب اولهه ملڪن ۾ ڀارتي آپريشنز ۾ خالصتان تحريڪ جي سک عليحدگي پسندن کي به نشانو بڻايو ويو.
برطانوي اخبار موجب ڀارتي انٽيليجنس آفيسرن جو چوڻ آهي ته ٻاهر ڌيان جو رجحان 2019 ۾ پلواما حملي کان شروع ٿيو.
هڪ ڀارتي انٽيليجنس آفيسر اخبار کي ٻڌايو ته ڀارتي انٽيليجنس اسرائيلي ۽ روسي ڳجهي ايجنسين مان متاثر ٿي ٻاهرئين ملڪ ڪارروائيون ڪيون.
ڀارتي ڳجهي ايجنسي 2020 کان هيل تائين پاڪستان ۾ 20 ڄڻن کي قتل ڪرايو: برطانوي اخبار
You might also like