پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ڀيرو وري بابر اعظم کي وائيٽ بال ٽيمن جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ شاهين آفريدي کي ڪو به بيان جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شاهين آفريدي ڪپتاني تان هٽائڻ واري معاملي تي تفصيلي ٽوئيٽ لکي ڇڏيو هو پر کيس ٽوئيٽ ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.