گدرن مان لکين نشي آور گوريون برآمد

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ گدرن ۾ وڏي مقدار ۾ منشيات سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي ۽ 10 لک نشي آور گوريون برآمد ڪيون ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي اختيارين ضبا بندرگاهه ۾ 10 لک نشي آور گوريون سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، نشي آور گورين کي گدرن ۾ لڪائي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن نشي آور گوريون گدرن جي کيپ ۾ وڏي مهارت سان لڪايون هيون، سمگلرن گدري جو ٻج ڪڍي اتي گوريون ڀري ڇڏيون.
اختيارين موجب نشي آور گوريون ضبط ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.