جڳ مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان خلاف مقبول ڪمپوزر ۽ گلوڪار ساحر علي بگا پوسٽ ڪئي هئي، جنهن تي ناليوارو گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر به ميدان ۾ اچي ويو.
علي ظفر طرفان پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري جي ٻن مشهور گلوڪارن ۾ ٺاهه جي ڪوشش طور قدم کنيو ويو آهي.
علي ظفر، ساحر علي بگا کي مخاطب ڪندي چيو ته پيارا ڀاءَ! مان توهان کي درخواست ڪندس، خدارا رمضان جو احترام ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته توهان پنهنجي ٻولي جي حفاظت ڪيو ۽ ٻين جي ذات بابت پنهنجي طرفان فيصلو نه ڪيو، ڇو ته اسان سڀني ۾ ڪا نه ڪا خامي آهي.
ان تي ساحر علي بگا ردعمل ڏيندي چيو ته مهرباني علي! جيڪڏهن ڪنهن بابت سچ سامهون آيو آهي ته مان ان تي معذرت ڪيان ٿو، مان پوسٽ ڊليٽ ٿو ڪيان.
واضح رهي ته ساحر علي بگا، راحت فتح علي خان کي منافق ۽ وحشي صفت چيو هو.
You might also like