يوڪرائني عورت اسلام قبول ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، جنازي نماز ادا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ يوڪرين سان واسطو رکندڙ 29 سالن جي عورت اسلام قبول ڪيو ۽ تنهن جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي، عورت جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ اهڙيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته داريا ڪوٽسارينڪو سياحت لاءِ دبئي پهتي هئي جتي هو نوڪري ڳولي رهي هئي، ان دوران کيس نه رڳو ڪيريئر جا موقعا مليا پر هو اسلام مان به متاثر ٿي.

عورت مسيحي هئي ۽ هن 25 مارچ تي دبئي ۾ اسلام قبول ڪري ورتو.

عورت اسلام قبول ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏڻو ڪري وئي.

عورت جي جنازي نماز القصيٰ قبرستان جي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.