وزيراعظم ايندڙ پنجن سالن لاءِ وزارتن جا هدف مقرر ڪري ڇڏيا آهن: عطا تارڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ پنجن سالن لاءِ وزارتن جا هدف مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وزارتن کي باقاعده دستاويزن ذريعي لکت ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته انهن مان ڪهڙيون اميدون آهن ۽ انهن کي ڇا ڪرڻو آهي.
هن چيو ته وزيراعظم ان معاملي تي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر وزارت کي حقيقت تي ٻڌل هدف ڏنا ويا آهن، ناڻي واري وزارت کي اهو هدف ڏنو ويو آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ڪرڻي آهي، ناڻي کي وڌائڻو آهي، آءِ ايم ايف جا معاملا مڪمل ڪرڻا آهن ۽ قرض جي ري اسٽرڪچرنگ بابت هدف ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن ڪابينا جو اجلاس ٿيندو ته وزارتن کان جواب به ورتو ويندو ۽ سٺي ڪارڪردگي تي واکاڻ به ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.