عالمي امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم جو بائيڊن کي جوابي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر جو بائيڊن جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ خط لکي ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي ۽ گرين الائنس قدمن ۾ سهڪار کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف خط ۾ چيو آهي ته پاڪتسان آمريڪا سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻئي ملڪ توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ زراعت سميت ٻين شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي ۽ گرين الائنس قدمن ۾ سهڪار سٺو سنئوڻ آهي.
هن لکيو ته آمريڪا سان عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون ۽ خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ به گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.
واضح رهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو ويو هو ۽ اهو وزيراعظم شهباز شريف طرفان عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪي صدر جو پهريون خط هو.
اهو ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪنهن به آمريڪي صدر جو پاڪستاني وزيراعظم کي پهريون سفارتي خط آهي ۽ اهو خط پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بحالي جو اشارو آهي.
سائفر معاملي ۽ تحريڪ انصاف جي الزامن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا متاثر ٿيا هئا، وزيراعظم شهباز شريف جي اچڻ کانپوءِ آمريڪا سان لاڳاپن جي بحالي ۽ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.