گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گھوٽڪي ويجهو ھٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس جمعدار کي قتل ڪري ڇڏيو.
گھوٽڪي باءِ پاس تي هوٽل ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جمعدار غلام نبي سهتو مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو.
واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جمعدار جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب مقتول جمعدار گهوٽڪي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندو هو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like