هرنائي ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 14 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 14 زخمي ٿي پيا.
ذريعن موجب ماڙي گئس ڪمپني جي گاڏي مزدورن کي کڻي وڃي رهي هئي ته روڊ ڪناري بم ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ مزدورن کي کڻي ويندڙ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي.
ڌماڪي ۾ مارجي ويل شخص جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو، جڏهن ته پوليس پهچي ان جاءِ کي سيل ڪري ڇڏيو.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو ته جاچ ڪري فوري طور جاچ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.