چئني(ويب ڊيسڪ) سائوٿ انڊين فلم انڊسٽري جو مشهور اداڪار ڊينيل بالاجي دل جو دورو پوڻ سبب 48 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب 48 سالن جو تامل اداڪار ڊينيل بالاجي کي 29 مارچ تي ساهه ۾ تڪليف ٿي جنهن بعد کيس ايمرجنسي ۾ چنئي اسپتال نيو ويو.
ڊاڪٽرن ڊينيل بالاجي جو طبي معائنو ڪندي نشاندهي ڪئي ته اداڪار کي دل جو دورو پيو آهي پر طبي امداد ملڻ بعد به سندس طبيعت بحال نه ٿي سگهي ۽ هو گذاري ويو.
ڊينيل بالاجي جي اوچتي ديهانت سائوٿ انڊين فلم انڊسٽري ۽ سندس مداحن کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڊينيل جي ساٿي اداڪارن پاران سوشل ميڊيا تي وڏي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڊينيل بالاجي ڪمل هاسن جي نامڪمل پراجيڪٽ ”مرد هونا گم“ ۾ يونٽ پراڊڪشن مينيجر طور ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ان کانپوءِ هن ٽي وي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ سندس پهرين ڪردارجو نالو ”ڊينيل“ هو جنهن سان شهرت حاصل ڪرڻ بعد اسڪرين تي سندس نالو ڊينيل پئجي ويو.
سال 2022 ۾ ڊينيل بالاجي تامل فلم”اپريل مداتل“ سان فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، تامل فلمن کانسواءِ مليالم، تيلگو ۽ ڪنڙ فلمن ۾ به اداڪاري ڪئي آهي.