سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مڪاني ادارن جي اختيارن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن جي اختيارن، مڪينزم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غير قانوني اڏاوتون ڪيرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ڪي ايم سي، ايم ڊي اي، ڪچي آبادي اٿارٽي ۾ رابطي جو نظام ناهي، ڪچي آبادي اٿارٽي سنڌ حڪومت تحت ڪم ڪندي آهي، ڪچي آبادي اٿارٽي جا اختيار به واضح ناهن.
عدالت مڪاني ادارن جي سيڪريٽري، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن جي اختيارن، مڪينزم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايس بي سي اي، ڪچي آبادي اٿارٽي جا اختيار واضح ڪيو، پوءِ عدالت ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.