ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) انتظاميا نجڪاري کان اڳ اسپيئر پارٽس وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪروڙين رپيا ماليت جي مختلف ڪيٽيگرين جي جهازن جا واڌو اسپيئر پارٽس وڪرو ڪيا ويندا، جهازن جي وڪرو ڪئي ويندڙ پرزن جا تفصيل به سامهون اچي ويا.
پي آءِ اي انتظاميا بوئنگ 737، بوئنگ 707، فوڪر ۽ سيسنا جهازن جي واڌو پرزن جي وڪري لاءِ ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب انهن جهازن جا واڌو پرزا ڪيترن ئي سالن کان پي آءِ اي جي اسٽور ۾ موجود هئا، پي آءِ اي انتظاميا جهازن جا پرزا وڪرو ڪرڻ لاءِ آڇون طلب ڪيون آهن.
پي آءِ اي انتظاميا موجب ٽينڊر ۾ حصو وٺڻ لاءِ درخواست 29 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجي ٿي.
You might also like