ڪراچي ۾ ويڳي پيءَ 8 ورهين جي ٻارڙي تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لانڍي ۾ ويڳي پيءُ 8 ورهين جي ٻارڙي تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ ٻارڙي زخمي ٿي پئي.
ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار موجب جوابدار طارق پنهنجي گهرواري رابعه جي پهرئين مڙس مان 8 ورهين جي وانيا تي 16 فيبروري تي پيٽرول هاري باهه ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي جو 25 سيڪڙو تائين جسم سڙي ويو هو.
پوليس ٻڌايو ته ٻارڙيءَ جي ماءُ مڙس جي خوف سبب معاملو پوليس کان لڪايو ۽ ڌيءَ جو علاج ڪرائيندي رهي.
فريادڻ موجب ان جي ٻه سال اڳ طارق نالي شخص سان شادي ٿي ۽ ان مان هڪ پٽ جو اولاد آهي، جڏهن ته اڳوڻي مڙس امجد مان 8 ورهين جي هڪ ڌيءَ آهي، جيڪا گڏ رهندي آهي، 16 فيبروري تي هوءَ جيئن ئي ٽيوشن تان موٽي ته طارق کيس مارڪٽ شروع ڪري ڏني، مان ڌيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڙس مون کي به مارڻ لڳو ۽ پيٽرول هاري ڌيءَ کي باهه ڏئي ڇڏي، مان وڏي ڪوششن سان کيس بچايو، هاڻ مڙس مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري فرار جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.