سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پوليس کاتي ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پوليس کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عارب مهر کي ايس پي انويسٽيگيشن اولهه ويسٽ ون مقرر ڪيو ويو، ڊاڪٽر سميع الله سومرو اي آءِ جي آپريشن سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) ۽ شهلا قريشي کي اي آءِ جي جينڊر ڪرائم سي پي او مقرر ڪيو ويو.
سهائي عزيز کي سي ٽي ڊي ڪراچي ۾ ايس پي ٽيڪنيڪل فرانزڪ اينڊ ايڪسپلوزو ۽ فاروق بجاراڻي کي ايس پي فارنرز سيڪيورٽي سيل ڪراچي مقرر ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ عرفان بلوچ کي ڊي آءِ جي اولهه، احمد نواز چيما کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ، جڏهن ته اقبال ڊار کي ڊي آءِ جي ڊرائيونگ لائسنس برانچ مقرر ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب شمائل رياض کي سينٽرل پوليس آفيس ۾ اي آءِ جي پوليس ويلفيئر ۽ انور کيٿران کي سي پي او ۾ اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ٽو مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ عارف اسلم رائو کي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ۾ ايس ايس پي، جڏهن ته علي بخش عرف نظاماڻي کي اي آءِ جي جي ايم ٽي جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.
نئين نوٽيفڪيشن موجب محمود حسين کي ايس پي پرنسپل لاڙڪاڻو ۽ جاويد جسڪاڻي کي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.