اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا طرفان اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪينيڊا اهو فيصلو پارليامينٽ ۾ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڪينيڊين پارليامينٽ ۾ ان ٺهراءَ جي حق ۾ 207، جڏهن ته مخالفت ۾ 117 ووٽ پيا.
ٺهراءَ ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.
ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير ميلانيا جولي موجب ان ٺهراءَ کانپوءِ اسرائيل کي سمورن هٿيارن جي پهچ روڪي ويندي.
Prev Post
You might also like