پاڙيسرين طرفان ڪڪڙ پالڻ تي عورت تنگ ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرن ۾ ڪڪڙيون پالڻ خلاف درخواست تي ڪنٽونمينٽ بورڊ سميت لاڳاپيل ادارن کان جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گهرن ۾ ڪڪڙيون پالڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس عقيل عباسي پڇاڻو ڪيو ته ڇا لاڳاپيل ادارن کي ان حوالي سان شڪايت ڪئي وئي؟
عورت درخواستگذار سميرا چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ ان حوالي سان ڪجهه نه پيو ڪري، ان جي پنهنجي قانونن ۾ ان جي اجازت ناهي، ڪڪڙيون گهر ۾ رکڻ سان سڄي علائقي ۾ گوڙ رهندو آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هونئن به ڪڪڙ گهڻا شرارتي هوندا آهن، گوڙ به ڪندا آهن.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا ڪيون، جنهن گهر ۾ ڪڪڙ آهن انهن کي ڪُهي ڇڏيون، پراڻي دور ۾ ته شرارتي ڇوڪرا ڪڪڙ ڪُهي کائي ويندا هئا.
عدالت درخواست تي ڪنٽونمينٽ بورڊ سميت لاڳاپيل ادارن کان ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.