سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل ايلون مسڪ منشيات جي استعمال جو انڪشاف ڪري ورتو.
اليڪٽرڪ ڪار ڪمپني ٽيسلا ۽ مقبول سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته منشيات جي استعمال منهنجي ڪاروباري معاهدن ۽ سيڙپڪارن سان لاڳاپن کي متاثر ڪيو.
هن چيو ته ان وقت منهنجو ذهن ڊپريشن جهڙي ناڪاري ڪيفيت ۾ هو ۽ منشيات جي استعمال مون کي ان ڪيفيت مان نڪرڻ ۾ مدد ڏني، مان هر هفتي ڪيٽامائن جي معمولي مقدار وٺندو هيس، جيڪڏهن توهان گهڻي مقدار ۾ ڪيٽامائن استعمال ڪيو ته ڪم جي قابل نه رهندئو ۽ مون کي گهڻو ڪم ڪرڻو هو.
سندس چوڻ هو ته مان سگريٽ ۽ شراب ناهيان پيئندو ۽ جيڪي دوائون استعمال ڪيون، اهي ڊاڪٽرن جي هدايتن موجب ۽ انهن جي نگراني ۾ استعمال ڪيون.
You might also like