22 ملڪن ۾ سفر ڪندڙ دنيا جي ڊگهي ترين بس سروس مان ڪيترن ئي ملڪن جا شهري فائدو کڻي رهيا آهن.
دنيا جي ڊگهي ترين سفري سهولت سان اها بس سروس ترڪيه جي شهر استنبول کان برطانيا جي شهر لنڊن تائين جو سفر 56 ڏينهن ۾ طئي ڪندي آهي.
استنبول کان شروع ٿيندڙ ان سفر ۾ 22 ملڪ ايندا آهن، جن ۾ بلغاريا، سربيا، ڪروشيا، هنگري، سلواڪيا، چيڪ ريپبلڪ، پولينڊ، لٿوانيا، لاتويا، فن لينڊ، ناروي، سويڊن، ڊنمارڪ، نيدرلينڊز، جرمني، بيلجيئم، فرانس ۽ پوءِ آخري منزل برطانيا شامل آهن.
ڊگهي سفر کي ڏسندي بس ڪمپني طرفان سيٽون آرام ڏيندڙ ٺاهيون ويون آهن، جڏهن ته مسافرن کي سموريون سفري سهولتون به ڏنيون وينديون آهن.
ان بس ۾ سامان لاءِ به جاءِ مختص آهي، جتي ٻه وڏا سوٽ ڪيس هر مسافر کي کڻڻ جي اجازت هوندي آهي.
هر مسافر لاءِ سيٽ تي انٽرٽينمينٽ سسٽم موجود آهي، گڏوگڏ هيڊ فونز، بليو ٽوٿ ۽ يو ايس بي پورٽ جي سهولت به موجود آهي.
ان بس سروس طرفان مسافرن کي کاڌو به ڏنو ويندو آهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته يورپي ملڪن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جي ويزا جي حوالي سان ٽريول ڪمپني پاڻ معاملا ڏسندي آهي.
22 ملڪن جو سفر ڪندڙ ان بس سروس جو ڀاڙو 20 هزار يورو آهي، جيڪي تقريبن 60 لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ٿين ٿا.
Prev Post
Next Post
You might also like