مڪو پاڪ (ويب ڊيسڪ) حرمين شريفين انتظاميا چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي پهرئين هفتي مسجد نبوي صه ۾ ايندڙ زائرين جو انگ 50 لکن کان به وڌي ويو، جن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف قدم به کنيا ويا.
مسجد نبوي صه جي معاملن بابت جنرل اٿارٽي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هڪ هفتي دوران 52 لک 25 هزار 231 زائرين جي مسجد نبوي صه آمد ٿي، زائرين ۾ 149149 تحفا به ورهايا ويا.
رپورٽ موجب 414878 زائرين پاڻ سڳورن صه جن جي روضي تي سلام پيش ڪيو، 134447 مردن ۽ 107697 عورتن رياض الجنه ۾ نماز ادا ڪئي.
You might also like