افغانستان ۾ بدترين ٽريفڪ حادثي ۾ 21 ڄڻا اجل جو شڪار

هلمند (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏکڻ صوبي هلمند ۾ قنڌار – هرات هاءِ وي تي مسافر بس، موٽر سائيڪل ۽ ٻارڻ سان ڀريل ٽڪر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ 38 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب صوبائي حڪومت ٻڌايو ته بدترين ٽريفڪ حادثي ۾ 21 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
هلمند جي صوبائي حڪومت جي اطلاعات کاتي جي سربراهه شير محمد وحدت موجب حادثو قنڌار – هرات هاءِ وي تي پيش آيو، جتي هڪ موٽر سائيڪل، ٻارڻ سان ڀريل ٽرڪ ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر ٿي پيو.
هن ٻڌايو ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 38 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.