ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وانگ پنهنجي پراڻي دوست سان شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 55 ورهين جي پيني وانگ ۽ سندس ساٿي سوفي الاوچي وچ ۾ تقريبن 20 سالن کان دوستي قائم آهي ۽ ٻئي گڏ به رهن پيون.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڊيليڊ ۾ ڇنڇر تي ٿيندڙ شادي تقريب ۾ وزيراعظم ۽ ٻين سياسي شخصيتن به شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته آسٽريليا ۾ 2017 ۾ هم جنس پرستن جي شادي کي قانوني قرار ڏنو ويو هو.
You might also like