عامر خان ڪلاسڪ ڪاميڊي فلم ”انداز اپنا اپنا“ جي سيڪوئل جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان، سلمان خان سان گڏ پنهنجي بلاڪ باسٽر ڪاميڊي ڪلاسڪ فلم ”انداز اپنا اپنا“ جي سيڪوئل جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
”انداز اپنا اپنا“ 1994 ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ عامر خان، سلمان خان، ڪرشما ڪپور، روينا ٽنڊن ۽ پاريش راول مک ڪردار نڀايو هو.
سوشل ميڊيا تي لائيو سيشن ۾ عامر خان ٻڌايو ته فلمساز راج ڪمار سنتوشي فلم جي سيڪوئل تي ڪم ڪري رهيو آهي.
هن مداحن کي درخواست ڪئي ته اهي وڌيڪ پرجوش نه ٿين، ڇو ته اڃا اهو ڪم شروعاتي مرحلي ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.