شاداب خان، عماد وسيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل فرنچائز اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان چيو آهي ته عماد وسيم شروع کان وٺي سٺو پرفارم ڪندو آهي، ان تي سدائين اعتماد هو، هو هڪ ورلڊ ڪلاس آل رائونڊر آهي، منهنجي راءِ آهي ته کيس ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ گهرجي.
نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي شاداب خان چيو ته اسان جو پي ايس ايل 9 ۾ سفر لاهن چاڙهن ۾ رهيو، اسان جي شروعات سٺي نه هئي پر اهم موقعي تي مومينٽم حاصل ڪيو، گذريل 4 ميچن ۾ جيئن کيڏياسين، ان سان اسان جو حوصلو وڌيو آهي.
هن چيو ته ملتان جي ٽيم مسلسل چوٿون ڀيرو فائنل کيڏي رهي آهي، اها سٺي آهي، اسان اڃا تائين پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، اسان جي پليئر ڏکي صورتحال مان نڪري ميچون کٽي رهيا آهن، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته عماد وسيم شروع کان سٺو پرفارم ڪندو آهي، هو ورلڊ ڪلاس آل رائونڊر آهي، هو پريشر ۾ جيئن کيڏيو، ان سان سندس ذهني پختگي جو اندازو ٿئي ٿو، منهنجي راءِ آهي ته کيس ورلڊ ڪپ کيڏڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.