وزيراعظم پاڪ فضائيا سربراهه جي ملازمت جو مدو وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم پاڪ فضائيا جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
وزيراعظم ايئر چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي سمري صدر کي موڪلي آهي، صدر ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو اعلان ڪندو.
ظهير احمد بابر سڌو 19 مارچ 2021 ۾ پاڪ فضائيا جي ڪمان سنڀالي هئي، هن 1986 ۾ فائٽر پائلٽ طور پاڪ فضائيا ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.