اردو يونيورسٽي ۽ پولينڊ جي يونيورسٽي وچ ۾ معاهدو

ڪراچي (پ ر) آرٽس سائنيس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف لارڊز پولينڊ وچ ۾ ايراسمس پلس معاهدو ٿيو آهي.

ايراسمس پلس معاهدو 2023 کان 2027 تائين لاڳو هوندو، هي معاهدو تعليمي مٽا سٽا ۽ بين الثقافتي تجربن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. هن معاهدي تحت وفاقي اردو يونيورسٽي جي عالمي لاڳاپن واري شعبي ۽ سياسيات جي شاگردن کي هڪ سيمييسٽر لاءِ يونيورسٽي آف لارڊز، پولينڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو.

اهڙي ريت يونيورسٽي آف لارڊز جا مقبول فيڪلٽي ميمبر پنهنجي تجربن ۽ مهارتن لاءِ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ شامل ٿيندا.

اهو معاهدو وفاقي اردو يونيورسٽي جي اورڪ شعبي ۽ عالمي لاڳاپن واري شعبي جي سهڪار سان ٿيندو.

ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر ڪامران احسن چيو آهي ته هي معاهدو ٻنهي ادارن جي شاگردن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ۽ معياري تعليم بابت اهم ثابت ٿيندو.

ان حوالي سان وفاقي اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري چيو ته اسان يونيورسٽي آف لارڊز پولينڊ سان گڏيل منصوبو شروع ڪرڻ تي خوش آهيون. هي معاهدو تعليمي مهارت کي هٿي ڏيڻ ۽ شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن لاءِ ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ اسان جي عزم جي عڪاسي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.