مسافر جي سامان مان ٻلي جا ٻچا برآمد

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن پوليس هڪ بس ۾ مسافر جي سامان مان 18 ٻلي جا ٻچا برآمد ڪري ورتا، جن کي مبينا طور غير قانوني طريقي سان جرمني آندو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جرمن رياست باويريا جي شهر وائڊ هائوس ڀرسان هاءِ وي تي مقرر آفيسرن کي هڪ بس ۾ موجود سامان مان ٻلي جي ٻچن جو آواز آيو، جنهن کانپوءِ ڪارروائي ڪئي وئي.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته چيڪ ريپبلڪ جي سرحد ذريعي 18 ٻچن کي مبينا طور غير قانوني طريقي سان جرمني آندو ويو، جڏهن بس جي تلاشي ورتي وئي ته 6 دٻن مان 18 ٻلي جا ٻچا مليا.
پوليس موجب جوابدار جي عمر 37 سال آهي، جنهن خلاف فراڊ ۽ جانورن جي صحت بابت قانون جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻچن کي جانورن کي تحفظ فراهم ڪندڙ هڪ اداري حوالي ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته جرمن قانون تحت ننڍي عمر جي جانورن کي ملڪ آڻڻ تي پابندي آهي ۽ اتي آندل جانورن جي ويڪسينيشن ڪرائڻ به لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.