ماڻهو زندگي ۾ ڪيترا ڀيرا اکيون ڇنڀندو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ڪيترا ڀيرا اکيون ڇنڀندو آهي؟

اکيون چنڀڻ سان اکين ۾ ٻاران پوندڙ ذرا نڪري ويندا آهن ۽ اکين ۾ گهم برقرار رهندي آهي.

اها گهم اکين جي تاري کي روشن ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي.

اکين جي ٻنهي پنبرين تي ننڍا ننڍا گلينڊز هوندا آهن جيڪي اکيون ٻوٽڻ تي خاص قسم جو پاڻياٺ ڇڏيندا آهن.

هر ڀيري ڪو اکيون ڇنڀندو آهي ته ڳوڙها وهندا آهن، اهي پاڻٺياٺ اکين کي ڌوئڻ جو عمل ڪندا آهن.

اکين سامهون اوچتو ٿيندڙ حرڪت به انسان کي اکيون چنڀڻ تي مجبور ڪندي آهي.

هڪ اندازي موجب هڪ فرد سراسري طور تي زندگي ۾ 250 ملين ڀيرا اکيون چنڀندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.