مريم نواز پنهنجي تصوير تي فدا ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کي پنهنجي هٿرادو ذهانت سان تيار ڪيل تصوير وڻي وئي آهي.

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ واهپيدار مريم نواز طرفان مريضن جي اسپتال منتقلي لاءِ پنهنجو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري خبر شيئر ڪئي.

اهڙي خبر ۾ جيڪا تصوير استعمال ڪئي وئي هئي اها اي آءِ سان تيار ڪيل هئي.

مريم نواز اهڙي پوسٽ کي ري پوسٽ ڪندي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هٿرادو ذهانت حيرت جوڳو ڪم ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.